شاهنامه عرب عرف منظوم تاريخ اسلام

شاهنامه عرب عرف منظوم اسلام '>تاريخ اسلام (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف مرزا اجمل بيگ آهي. دراصل هي اسلام جي تاريخ شاعر سنڌي نظم ۾ منظوم ڪري چئن جلدن ۾ لکي هئي، جنهن جو پهريون جلد هي آهي، جنهن ۾ تمهيد (منظوم) ۽ ست باب شامل آهن. باب پهرين ۾ سورهن عنوان خلفت انسان کان وٺي پهرين حج اڪبر تائين، باب ٻئي ۾ ارڙهن عنوان حضرت ابراهيم جي رحلت کان وٺي عرب جي جاهليت واري دور تائين، باب ٽئين ۾ پندرهن عنوان سرور ڪائنات حضور اڪرم صلعم جي ولادت باسعادت کان وٺي اصحابِ فيل جي واقعي تائين، باب چوٿين ۾ ڏهه عنوان سرور ڪائنات جي ننڍپڻ کان وٺي بعثت (اعلان نبوت) جي دؤر تائين، باب پنجين ۾ ستٽيهه عنوان بعثت کان وٺي يثرب ۾ اسلام پکڙڻ واري دؤر تائين، باب ڇهين ۾ سترهن عنوان مڪي مان هجرت کان وٺي مديني ۾ رهائش اختيار ڪرڻ تائين ۽ باب ستين ۾ اوڻيهه عنوان مسلمانن ۽ ڪافرن جي وچ ۾ جنگين کان وٺي مسلمانن کي پيش آيل تڪليفن جو بيان پيش ڪيو ويو آهي. مرزا اجمل بيگ هي ڪتاب 16 مارچ 1940ع ۾ لکي پورو ڪيو. ڪتاب جو ديباچو مصنف جو لکيل آهي. ان کان سواءِ الحاج ميان نذير حسين جي سوانح حيات مرزا محمد افضل بيگ لکي آهي. ڪتاب تي محمد بخش واصف، رئيس ضياءِ الدين بلبل ۽ لطف الله بدويءَ جون تقريظون لکيل آهن. ڊيمي سائيز ۾ 260 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب مولانا الحاج رئيس مرزا محمد افضل بيگ دارالخطيب، ٽنڊي ٺوڙهي، حيدرآباد طرفان 1965ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 6 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو